Press Releases

Latest Press Releases

For Queries

15

دادو ۾ مددگار 15 پوسٽ تي حملو ڪندڙ جوابدارن خلاف پوليس جو سخت ڪريڪ ڊائون، چار جوابدار گرفتار

ضلع دادو پوليس

22 اپريل 2025ء

*دادو ۾ مددگار 15 پوسٽ تي حملو ڪندڙ جوابدارن خلاف پوليس جو سخت ڪريڪ ڊائون، چار جوابدار گرفتار*

گذريل رات دادو ۾ مددگار 15 چوڪي تي اوباش نوجوانن جي ٽولي پاران حملي واري واقعي جو ايس ايس پي دادو نوٽيس وٺندي جوابدارن خلاف سخت ڪاروائي جا حڪم جاري ڪيا.

چوڪي تي حملو ڪرڻ، سرڪاري ملڪيت کي نقصان پهچائڻ ۽ اهلڪارن کي زخمي ڪرڻ ۾ ملوث جوابدارن خلاف فوري ڪاروائي ڪندي اي سيڪشن ٿاڻي تي سرڪاري فرياد تي دهشتگردي سميت ٻين سنگين قلمن تحت ڪيس داخل ڪيو ويو

ڊي ايس پي سٽي سلطان احمد چانڊيو جي اڳواڻيءَ ۾ پوليس جوابدارن خلاف سخت ايڪشن وٺندي مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا،

ڇاپن دوران چار جوابدار گرفتار ڪيا ويا آھن، جڏھن تہ ٻين جوابدارن جي گرفتاري لاءِ کين وڌيڪ سوڙھو ڪندي ڇاپن جو سلسلو جاري آهي

گرفتار ٿيل جوابدارن ۾ خادم حسين جمالي، افضل جمالي، عبدالقادر جمالي ۽ پوليس اھلڪار جوابدار وزير جمالي شامل آھن.

اوباشن پوليس چوڪي تي حملو ڪري رياستي رٽ کي چئلينج ڪيو، اهڙي ڇڙواڳي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي۔ ايس ايس پي دادو

ڪنهن کي به اها غلط فهمي نه هجي ته هو قانون کان مٿانهون آهي، قانون سان ھٿ چراند ڪندڙن کي قانون جي طاقت جو احساس ڏياريو ويندو– ايس ايس پي دادو

پوليس عوام جي محافظ آهي قانون جي رٽ کي چئلينج ڪندڙن خلاف سخت ڪاروائي ڪئي ويندي


© 2024 Sindh Police - All Rights Reserved.

Powered By: Software Section, I.T Directorate Sindh, Sindh Police.