Press Releases

Latest Press Releases

For Queries

15

دادو پوليس جي اهم ڪاروائي، سنگين وارداتن ۾ ملوث ڏوھاري گرفتار

ضلع دادو پوليس

تاريخ: 9/6/2025

*دادو پوليس جي اهم ڪاروائي، سنگين وارداتن ۾ ملوث ڏوھاري گرفتار*

ايس ايس پي دادو ڪيپٽن (ر) امير سعود مگسي جي هدايتن تي ڏوهارين خلاف جاري ڪريڪ ڊائون دوران بي سيڪشن پوليس ايس ايڇ او بينظير جمالِي جي اڳواڻي ۾ جوهي روڊ تي ڪامياب ڪاروائي ڪندي، مقابلي بعد *انتهائي گھربل ڏوهاري فريد ولد پيرل لغاري کي گرفتار ڪري ورتو*

جوابدار فريد لغاري سفاڪ ڏوھاري آهي، جيڪو هٿيارن جي زور تي ڦر دوران مزاحمت تي شھرين کي قتل ڪرڻ جي وارداتن ۾ پوليس کي گھربل هو

ڪجھ ڏينهن اڳ دادو باءِ پاس تي موٽرسائيڪل ڦر دوران شهري منٺار لغاري جي قتل ۾ بہ ساڳيو ڏوھاري ۽ سندس ساٿي ملوث هئا،

ان کان علاوه جوابدار فريد، نوشهرو فيروز ۾ شاھراھ تي ڪوچ ڊرائيور جي قتل ۽ دادو ۾ ڦر دوران نوجوان دانش جمالِي جي قتل سميت 13 سنگين ڪيسن ۾ نامزد ٿيل آهي.

گرفتار ٿيل ڏوهاري دادو، نوشهرو فيروز ۽ ٻين ضلعن ۾ ڏوھارين سرگرمين ۾ ملوث رهيو آهي.. وڌيڪ جاچ جاري آهي.

جڏھن تہ ايس ايس پي دادو بي سيڪشن پوليس ٽيم کي ايڪٽيو ڏوھاري گرفتار ڪرڻ تي شاباش ڏني آهي ۽ چيو آهي ته دادو ۾ پائيدار امن جي قيام لاءِ ڏوهارين خلاف آپريشن بنا فرق جاري رهندو.

ڪرمنل ريڪارڊ:

1) Cr No. 8/2013 u/s 395, 427 PPC PS Johi

2) Cr No. 9/2013 u/s 324, 353 PPC PS Johi

3) Cr No. 262/2022 u/s 302, 324, 394, 120B, 404, 34 PPC PS A- Section Dadu

4) Cr No. 10/2013 u/s 13- DAO PS Johi

5) Cr No. 439/2022 u/s 324, 353, 402, 399 PPC PS Dars District N/Faroz

6) Cr No. 392/2022 u/s 396, 147, 148, 149 PPC PS Dars District N/Faroz

7) Cr No. 22/2023 u/s 324, 353, 34 PPC PS A- Section Dadu

8) Cr No. 60/2023 u/s 25- SAA PS A- Section Dadu

9) Cr No. 40/2025 u/s 324, 353, 223,224, 337Hii, 147, 148, 149, PPC 6/7 ATA PS B- Section Dadu

10) Cr No. 23/2025 u/s 353,;324, 223 PPC PS B- Section Dadu

11) Cr No. 50/2025 U/S 302,394,337Hii PPC PS Dadu B/sec

12) Cr No. 89/2025 U/S 324,353,401,399 PPC PS Dadu B/sec

13 ) Cr No.23/2025 U/S 224, 225, 353 PPC PS Khudabad


© 2024 Sindh Police - All Rights Reserved.

Powered By: Software Section, I.T Directorate Sindh, Sindh Police.