Press Releases

Latest Press Releases

For Queries

15

دادو: خيرپور ناٿن شاھ ۾ پوليس جي ڪاروائي، پرائمري استاد جي قتل ڪيس ۾ گھربل ٽي جوابدار گرفتار

ضلع دادو پوليس

30 مئي 2025ء

*دادو: خيرپور ناٿن شاھ ۾ پوليس جي ڪاروائي، پرائمري استاد جي قتل ڪيس ۾ گھربل ٽي جوابدار گرفتار*

خيرپور ناٿن شاھ ۾ ٻہ ڏينهن اڳ ٻارن جي معمولي ڳالهه تان ٿيل تڪرار ۾ مارجي ويل اسڪول ٽيچر زاهد حسين اعواڻ جي قتل ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آھي،

ايس ايڇ او خيرپور ناٿن شاھ غلام حيدر چانڊيو ۽ سندس ٽيم ڪاروائي ڪندي ڪيس ۾ نامزد ٽن جوابدارن مجاهد علي لغاري، فاروق احمد لغاري ۽ جوابدار ماجد علي لغاري کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

جڏهن ته واقعي جي ايف آءِ آر مقتول جي ڀاءُ جي فرياد تي گناھ نمبر 117/2025 قلم 302، 114، 34، 504 تعزيرات پاڪستان تحت داخل ڪئي وئي آهي ۽ وڌيڪ جاچ جاري آهي.


© 2024 Sindh Police - All Rights Reserved.

Powered By: Software Section, I.T Directorate Sindh, Sindh Police.