Press Releases
Latest Press Releases
For Queries
15
دادو پوليس جون منشيات فروشن ۽ روپوش، اشتھاري ڏوھارين خلاف ڪارروائيون، 5 جوابدار گرفتار، منشيات هٿ
دادو پوليس
12 اپريل 2025
*دادو پوليس جون منشيات فروشن ۽ روپوش، اشتھاري ڏوھارين خلاف ڪارروائيون، 5 جوابدار گرفتار، منشيات هٿ*
*• جوھي پوليس جي ڪارروائي، بدنام منشيات فروش وزير جمالي گرفتار*
جوھي ٿاڻي جي ايس ايڇ او طارق حسين لاکير جي اڳواڻيءَ ۾ پوليس ڪاروائي ڪندي بدنام منشيات فروش وزير جمالي کي گرفتار ڪري ورتو. گرفتار جوابدار وٽان 1250 گرام چرس هٿ ڪيو ويو، جوابدار خلاف ڪنٽرول آف نارڪوٽڪس سبسٽنس ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
*• نئون ڳوٺ ٿاڻي جي حد ۾ پوليس 12 ورهين کان جيڪب آباد پوليس کي گھربل جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو*
نئون ڳوٺ ٿاڻي جي ايس ايڇ او لياقت علي گوپانگ جديد ٽيڪنالاجي ذريعي ملندڙ انفارميشن تي ڪاروائي ڪندي اشتھاري جوابدار منظور علي ولد پٺاڻ خان کي گرفتار ڪري ورتو آھي. جوابدار ضلع جيڪب آباد جي ٿاڻي محمدپور تي گناھ نمبر 1/2013 قلم 324، 353 ت پ ۾ پوليس کي گھربل ھيو.
*• ڪَڪَڙ ٿاڻي جي حد مان منشيات فروش گرفتار*
ايس ايڇ او سائين بخش چانڊيو جي اڳواڻيءَ ۾ ڪَڪَڙ پوليس ڪاروائي ڪندي منشيات فروش محمد ابڙو کي گرفتار ڪري ورتو، جنهن وٽان 550 گرام چرس هٿ ڪري سندس خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
*• ڦلجي اسٽيشن ٿاڻي جي حد مان به ھڪ منشيات فروش گرفتار*
ڦلجي اسٽيشن ٿاڻي جي ايس ايڇ او نظام الدين کڻڊ جي اڳواڻيءَ ۾ پوليس ڪاروائي ڪندي منشيات فروش امجد علي چنو کي چرس سميت گرفتار ڪري ورتو، جوابدار خلاف نارڪوٽڪس ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
*• اميناني ٿاڻي جي حد مان گٽڪا سوپاريون وڪڻندڙ جوابدار گرفتار*
اميناڻي ٿاڻي جي ڊيوٽي آفيسر اي ايس آءِ فتح محمد خشڪ دورانِ چيڪنگ جوابدار شاھد حسين ماڇي کي گرفتار ڪري ورتو جنھن وٽان زيڊ 21 گٽڪا سوپاريون برآمد ٿيون سندس خلاف گٽڪا مينپڙي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آھي.