Press Releases
Latest Press Releases
For Queries
15
ايس ايس پي دادو ڪيپٽن (ر) امير سعود مگسي جي هدايتن تي ڏوھارين خلاف ڪاروايون جاري آھن،
ضلع دادو پوليس
20 اپریل 2025
ايس ايس پي دادو ڪيپٽن (ر) امير سعود مگسي جي هدايتن تي ڏوھارين خلاف ڪاروايون جاري آھن،
*خيرپور ناتھن شاھ ۾ پوليس ڦر جي ڪيس ۾ گهربل ٻن جوابدارن کي واردات ۾ استعمال ڪيل هٿيارن سميت گرفتار ڪري ورتو، جوابدارن وٽان 2 لک روپيا ڦر ڪيل روڪ رقم پڻ هٿ ڪئي وئي*
چار ڏينهن اڳ خيرپور ناتھن شاھ ۾ هڪ موبائيل شاپ تان ڦر جي واردات رپورٽ ٿي هئي، جنهن جو ڪيس موبائيل شاپ مالڪ غلام اڪبر جي فرياد تي ڪي اين شاھ ٿاڻي تي گناھ نمبر 76/2025 قلم 397 پي پي سي تحت داخل ڪيو ويو هو،
ان سلسلي ۾ گذريل ڏينهن ايس ايچ او ڪي اين شاھ مقصود رضا مڱڻھار جي اڳواڻيءَ ۾ پوليس ڪاروائي ڪندي ڪيس ۾ نامزد ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي
گرفتار جوابدارن ۾:
1. ضمير ولد ممتاز کونهارو
2. قربان ولد مبارڪ کونهارو شامل آھن
جوابدارن وٽان واردات ۾ استعمال ڪيل ٻه پستول هٿ ڪيا ويا آھن،
جڏهن ته جوابدارن جي نشاندهي تي موبائيل شاپ مان ڦر ڪيل رقم روڪ 2 لک روپيا به هٿ ڪيا ويا آھن.
جوابدارن خلاف اسلحہ ايڪٽ تحت سرڪاري فرياد تي الڳ ڪيس داخل ڪيا ويا آھن ۽ وڌيڪ جاچ جاري آھي۔