Press Releases
Latest Press Releases
For Queries
15
ايس ايس پي دادو ڪيپٽن (ر) امير سعود مگسي جي هدايتن تي سنگين ڏوهن ۾ گهربل جوابدارن خلاف ڪارروايون جاري آهن،
ايس ايس پي دادو ڪيپٽن (ر) امير سعود مگسي جي هدايتن تي سنگين ڏوهن ۾ گهربل جوابدارن خلاف ڪارروايون جاري آهن،
هڪ وڌيڪ ڪامياب ڪارروائي دوران قتل ڪيس جو مک جوابدار هٿيار سميت گرفتار
ميهڙ ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ ذاتي تڪرار تان قتل ڪيل بخت جتوئي جي قتل ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي
ايس ايڇ او ٿاڻو ميهڙ اي سيڪشن علي اصغر شاھ جي اڳواڻي ۾ پوليس ڪاروائي ڪندي قتل ڪيس ۾ گهربل جوابدار ديدار ڪمانگر کي گرفتار ڪري ورتو آهي
حراست ورتل جاچ ھيٺ جوابدار ديدار ڪمانگر جي نشاندهي تي واقعي ۾ استعمال ٿيل بنا لائسنس ريپيٽر پڻ هٿ ڪيو ويو آهي.
ڄاڻايل خون واري ڪيس جو ايف آءِ آر مقتول جي سؤٽ جي فرياد تي ميهڙ ٿاڻي ۾ گناھ نمبر 87/2025 قلم 302، 324 تحت ڪيس داخل ڪيل آهي.
جڏهن ته جوابدار ديدار خلاف هٿيار هٿ اچڻ جو سرڪاري فرياد تي الڳ ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو آهي، وڌيڪ جاچ جاري آهي.