Press Releases
Latest Press Releases
For Queries
15
سال 2024 پڄاڻي تي پهچي رهيو آهي نئين سال جي شروعات امن، اخلاق، قومي ٻڌي ۽ ھڪٻئي لاءِ نيڪ تمنائن دعائن سان ڪريو
سال 2024 پڄاڻي تي پهچي رهيو آهي نئين سال جي شروعات امن، اخلاق، قومي ٻڌي ۽ ھڪٻئي لاءِ نيڪ تمنائن دعائن سان ڪريو
دادو ضلعي ۾ پُرامن ماحول لاءِ نئين سال جي موقعي تي قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي جڏھن تہ *پوليس کي هر قسم جي قانوني ڀڃڪڙين خلاف متحرڪ پڻ ڪيو ويو آهي*
*ايس ايس پي دادو ڪيپٽن (ر) امير سعود مگسي* سڄي ضلعي جي پوليس کي الرٽ رهڻ جو حڪم ڏيندي هوائي فائرنگ ۽ ٻين غير قانوني ۽ غير اخلاقي سرگرمين کي روڪڻ ۽ امن امان برقرار رکڻ لاءِ قانوني قدم کڻڻ جون سخت ھدايتون جاري ڪيون آهن
*شهرين کي خبردار ٿو ڪجي ته:*
* نئين سال جي موقعي تي هوائي فائرنگ کان گريز ڪيو وڃي
* هوائي فائرنگ خلاف سڄي ضلعي ۾ قلم 144 لاڳو آهي
* هوائي فائرنگ ڪندڙ ماڻھن خلاف ايف آءٍ آر داخل ڪئي ويندي
هوائي فائرنگ هڪ غير مهذب ۽ خطرناڪ فعل آهي *ذميوار ۽ مھذب شهري هجڻ جو ثبوت ڏيندا قانون جي پاسداري ڪرڻ اسان سڀني جو فرض آهي