Press Releases
Latest Press Releases
For Queries
15
ايس ايس پي دادو ڪيپٽن (ر) امير سعود مگسي جي ھدايتن تي ڏوھارين خلاف دادو پوليس جون ڪاروايون جاري،
ضلع دادو پوليس
مورخہ، 9/10/2025
ايس ايس پي دادو ڪيپٽن (ر) امير سعود مگسي جي ھدايتن تي ڏوھارين خلاف دادو پوليس جون ڪاروايون جاري،
مختلف ٿاڻن جي حدن ۾ ڪامياب ڪاروايون ڪندي 3 جوابدار گرفتار، منشيات ۽ ھڪ ڦر ٿيل موٽرسائيڪل برآمد
تفصيل موجب:
ايس ايڇ او ميھڙ بي سيڪشن منظور احمد مستوئي پوليس ٽيم سان گڏ ڪاروائي ڪري A پلس ڪيٽيگريءَ جي منشيات ڊيلر بخت جانوري کي گرفتار ڪري ورتو
گرفتار منشيات فروش بخت جانوري وٽان هڪ ڪلو کان وڌيڪ (1250 گرام) چرس هٿ ڪيو ويو. جوابدار خلاف ڪنٽرول آف نارڪوٽڪس سبسٽينس ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ جاري آھي۔
ميھڙ ويجهو شاھ پنجو سلطان ٿاڻي جي پوليس ڪاروائي ڪندي ڪجھ ڏينهن اڳ شھري دمشير ڀنڊ کان ڦر ٿي ويل موٽرسائيڪل ھٿ ڪري ورتي، ايس ايڇ او شاھ پنجو برآمد ڪيل موٽرسائيڪل مالڪ حوالي ڪري ڇڏي آهي
دادو ۾ اي ۽ بي سيڪشن ٿاڻن جي حدن ۾ گٽڪا سوپاريون وڪرو ڪندڙن خلاف ڪاروايون، ٻہ گٽڪا فروش جوابدار گرفتار
دادو A سيڪشن پوليس گٽڪا فروش جوابدار اياز سولنگي کي گرفتار ڪيو، جڏهن تہ B سيڪشن پوليس جوابدار شوڪت ملاح کي گرفتار ڪيو جن وٽان Z-21 گٽڪا سوپاريون ھٿ ڪيون ويون جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيا ويا آھن۔