Press Releases

Latest Press Releases

For Queries

15

ميهڙ ۾ گزريل رات مقابلي دوران زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيل ٻئي ڏوهاري انتهائي گھربل نڪتا

*ضلَع دادو پوليس*

پريس ريليز نمبر-2

بسلسلہ پوليس مقابلو

*ميهڙ ۾ گزريل رات مقابلي دوران زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيل ٻئي ڏوهاري انتهائي گھربل نڪتا،*

`زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيل ڏوھاري پوليس اهلڪار کي شهيد ڪرڻ سميت ٻين سنگين ڏوھن ۾ ملوث هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي سندن وٽان پوليس اھلڪارن جا ڦر ٿيل سرڪاري ھٿيار پڻ برآمد ٿيا آھن`

گرفتار زخمي ڏوھارين جي سڃاڻپ راشد علي ولد حامد علي لاڙ ۽ مظفر ولد امداد علي لاڙ ويٺل لڳ وارھ ضلعو قمبر-شهدادڪوٽ طور ٿي آھي

`ٻئي ڏوهاري هڪ مهينو اڳ ميهڙ ۾ شهيد ڪيل پوليس اهلڪار زاھد حسين تنيو جي شهادت واري واقعي ۾ مُک جوابدار هئا،`

گرفتار ٻنھي ڏوھارين پوليس اھلڪار کي شھيد ڪرڻ واري واقعي ۾ ملوث ھجڻ جو اعتراف ڪندي ٻين ساٿين جي به نشاندهي ڪئي آھي

`جڏھن تہ زخمي حالت ۾ گرفتار ڏوھارين کان هٿ آيل ٻئي رائفلون به سرڪاري آهن، جيڪي شهيد ڪانسٽيبل زاھد حسين تنيو ۽ ساٿي اهلڪار ممتاز علي کان واردات دوران ڦر ڪيون ويون هيون`

ڄاڻايل واقعي جو ڪيس ميهڙ اي سيڪشن ٿاڻي تي گناھ نمبر 76/2025 قلم 302، 353، 396 ت-پ ۽ 6/7 ATA تحت داخل ڪيل آهي

گرفتار جوابدار رڪڻ ۽ ميهڙ ٿاڻن تي داخل قتل، پوليس مقابلن سميت دهشتگردي ايڪٽ وارن ڪيسن ۾ گهربل هئا، جڏهن ته سندن خلاف وڌيڪ ڏوھاري رڪارڊ ھجڻ جو بہ امڪان آهي سندن ڏوھاري رڪارڊ بنسبت دادو سميت ٻين ضلعن مان وڌيڪ معلومات گڏ ڪئي پئي وڃي

*ٻئي پاسي شهيد اهلڪار جي قاتلن کي ڦر ٿيل هٿيارن سميت گرفتار ڪرڻ تي ايس ايس پي دادو ڪيپٽن (رٽائرڊ) امير سعود مگسي پوليس ٽيم کي شاباش ڏيندي تعريفي سرٽيفڪيٽ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي*


© 2024 Sindh Police - All Rights Reserved.

Powered By: Software Section, I.T Directorate Sindh, Sindh Police.