Press Releases

Latest Press Releases

For Queries

15

دادو ويجهو پوليس جي ڪاروائي نوجوان جي قتل ڪيس ۾ جوابدار گرفتار ڏوھ ۾ استعمال ڪيل ھٿيار به ھٿ

ضلع پوليس دادو

مورخہ، 13/4/2025

*دادو ويجهو پوليس جي ڪاروائي نوجوان جي قتل ڪيس ۾ جوابدار گرفتار ڏوھ ۾ استعمال ڪيل ھٿيار به ھٿ*

پنج ڏينھن اڳ دادو ڀرسان جھلو ٿاڻي جي حد ۾ ٻن ڌرين جي تڪرار ۾ مارجي ويل نوجوان منور علي سولنگي جي قتل ڪيس ۾ اھم اڳڀرائي ٿي آھي،

ڪيس ۾ نامزد مُک جوابدار پرويز ولد رمضان سولنگي کي گرفتار ڪيو ويو جاچ دوران سندس نشاندھي تي ڏوھ ۾ استعمال ڪيل رائفل به ھٿ ڪئي وئي آهي

ڏوھ لاءِ ڪتب آندل ھٿيار برآمد ٿيڻ بعد پوليس پاران سرڪاري فرياد تي جوابدار خلاف اسلحہ ايڪٽ تحت جھلو ٿاڻي تي الڳ ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو آهي

جڏھن تہ ڄاڻايل خون واري واقعي جو مقتول جي والد جي فرياد تي جھلو ٿاڻي ۾ گناھ نمبر 10/2025 قلم 302، 324، 337Hii، 148، 149 ت پ تحت ڪيس داخل ڪيل آھي،

ڄاڻايل ڪيس جي وڌيڪ جاچ ھلندڙ آھي جڏھن تہ ڪيس ۾ نامزد ٻين جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پڻ ڇاپا ھنيا پيا وڃن


© 2024 Sindh Police - All Rights Reserved.

Powered By: Software Section, I.T Directorate Sindh, Sindh Police.