Press Releases
Latest Press Releases
For Queries
15
دادو: سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي امتحان ۾ پاس امیدوارن کي اسسٽنٽ سب انسپيڪٽر (ASI) طور مقرري جا آرڊر جاري
ضلع دادو پوليس
مورخہ، 11/11/2025
*دادو: سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي امتحان ۾ پاس امیدوارن کي اسسٽنٽ سب انسپيڪٽر (ASI) طور مقرري جا آرڊر جاري*
ان سلسلي ۾ اڄ ايس ايس پي آفيس دادو ۾ هڪ خصوصي تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي امتحان ذريعي ڪامياب ٿيندڙ اميدوارن کي پوليس ڊپارٽمينٽ ضلع دادو ۾ *اسسٽنٽ سب انسپيڪٽر (BPS-11)* طور مقرري جا اپائنٽمينٽ آرڊر ڏنا ويا
*ايس ايس پي دادو ڪيپٽن (ر) امير سعود مگسي* ڪامياب اميدوارن کي پنهنجن هٿن سان مقرري ناما ڏنا ۽ کين سنڌ پوليس ۾ ڀليڪار ڪندي سندن لاءِ وڌيڪ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي تقريب ۾ پي ايس ساجد حسين ميمڻ، هيڊ ڪلارڪ عاصم جمالي، انچارج ڊي آءِ بي عبدالستار ميراڻي ۽ ٻيا آفيسر پڻ موجود هئا
ايس ايس پي دادو سميت سينيئر پوليس آفيسرن نون ڀرتي ٿيل آفيسرن کي مبارڪون ڏيندي کين فرضن جي ادائيگي لاءِ حوصلا افزائي ڪئي۔
جڏھن تہ نئين مقرر ٿيل اميدوارن به پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته سنڌ پوليس جو حصو بڻجڻ اسان لاءِ فخر جي ڳالھ آهي۔ انهن چيو ته اسان ايس ايس پي دادو ۽ پوليس ڊپارٽمينٽ جا شڪرگذار آهيون جن اسان کي عزت ڏني ۽ شفافيت سان ميرٽ تي موقعو فراهم ڪيو۔ اسان پنهنجا فرض ايمانداري سان نڀائينداسين۔