Press Releases
Latest Press Releases
For Queries
15
ايس ايس پي ڪشمور محمد مراد گھانگھرو جو رات دير سان پڪٽن تي سرپرائز وزٽ-
پريس ريليز — ضلع ڪشمور پوليس
تاريخ 23 فيبروري 2026
*ايس ايس پي ڪشمور محمد مراد گھانگھرو جو رمضان المبارڪ جي بابرڪت مهيني ۾ رات دير تائين مختلف ٿاڻن ۽ پڪٽس تي سرپرائز وزٽ*
رمضان المبارڪ جي بابرڪت مهيني ۾ امن امان جي بهتر صورتحال کي يقيني بڻائڻ لاءِ ايس ايس پي ڪشمور محمد مراد گھانگھرو مختلف ٿاڻن ۽ پوليس پڪٽس جو اوچتو دورو ڪيو۔
ايس ايس پي صاحب رات دير تائين ميدان ۾ موجود رهي پوليس جوانن جي حاضري، ڊيوٽي پوائنٽن، سيڪيورٽي انتظامن ۽ نفري جي تياري جو جائزو ورتو۔ هن موقعي تي موجود جوانن جي حوصلا افزائي ڪندي سندن جذبي، فرض شناسي ۽ پيشاورانه ڪارڪردگي کي ساراهيو۔
ايس ايس پي ڪشمور رمضان المبارڪ دوران خصوصي طور تي بازارن، مسجدن، امام بارگاهن ۽ اهم هنڌن تي سيڪيورٽي سخت ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون، جيئن روزيدارن ۽ شهرين کي مڪمل تحفظ فراهم ڪري سگهجي۔
ايس ايس پي ڪشمور چيو ته پوليس فورس عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت لاءِ هر وقت تيار آهي ۽ رمضان المبارڪ جي بابرڪت مهيني ۾ امن، سڪون ۽ ڀائيچاري جي فضا قائم رکڻ لاءِ سڀ وسيلا استعمال ڪيا ويندا۔
ترجمان ڪشمور پوليس