Press Releases
Latest Press Releases
For Queries
15
چرس وڪرو ڪندڙ جوابدار کي ڏوھ ثابت ٿيڻ تي بدين جي عدالت پاران 9 سال قيد ۽ 20 ھزار روپيه ڏنڊ جي سزا
ڊسٽرڪٽ پوليس بدين
15 آڪٽوبر 2024
چرس وڪرو ڪندڙ جوابدار کي ڏوھ ثابت ٿيڻ تي بدين جي عدالت پاران 9 سال قيد ۽ 20 ھزار روپيه ڏنڊ جي سزا
بدين :() ايس ايس پي بدين شيراز نظير جي ھدايتن تي ڏوھن ۽ منشيات فروشيءَ ۾ ملوث جوابدارن کي ڪيفر ڪردار تائين پھچائڻ لاءِ جانچ جي عمل کي انتھائي شفاف ۽ پيشه ورانه انداز ۾ ادا ڪندي بدين پوليس کي مسلسل ڪاميابيون حاصل.
تفصيل موجب بدين ٿاڻي جي حد ۾ چرس وڪرو ڪندڙ جوابدار مشتاق علي ملاح کي بدين پوليس 2 ڪلو 25 گرام چرس سميت گرفتار ڪري سندس خلاف بدين ٿاڻي تي نارڪوٽڪس ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري ورتو ھو.
جڏھن ته سول جج بدين ون جي عدالت جوابدار مشتاق علي ملاح کي ٺوس شاھدين جي بنياد تي چرس وڪرو ڪرڻ جو الزام ثابت ٿيڻ تي 9 سال قيد ۽ 20 ھزار روپيه روڪ ڏنڊ ۽ ڏنڊ جي رقم نه ڏيڻ جي صورت ۾ 3 مھينا وڌيڪ قيد ڀوڳڻ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آھي.
ترجمان ڊسٽرڪٽ پوليس بدين